راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ چيو ويو آهي ته ڪشميري ڀائرن سان جدوجهد ۾گڏ آهيون،ڪورونا خلاف جنگ ۾حڪومت جي مدد ڪئي ويندي، رپورٽ موجب جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ آرمي چيف جنرل قمر باجوه جي سربراهي ۾ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس،عالمي،علائقائي ۽ ملڪي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته اولهه سرحدن ايل او سي صورتحال ڊي جي ايم اوز وچ ۾2021ع کانپوءِ سيز فائر معاهدي تي عملدرآمد جو پڻ جائزو ورتو ويو، ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ڪي پي ڪي ۾نئين ضم ٿيل ضلعن ۾سيڪيورٽي صورتحال،سول انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادار عملداري ۽ ترقياتي منصوبن جي اهميت اجاگر ڪئي وئي، افغان امن عمل جي لاءِ هن وقت تائين ڪيل ڪوششن تي اطمينان ج اظهار،دوستن ملڪن سان عسڪري لاڳاپن بابت آگاهي ڏني وئي، ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ملڪ جي اندروني سيڪيورٽي صورتحال ۽ ڪورونا جي ٽين لهر جو پڻ جائزو ورتو ويو.
162