200

عمران خان کي نقصان پهچائڻ جو سوچي به نه ٿو سگهان: جهانگير ترين

ملتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته آئون وزيراعظم عمران خان کي نقصان پهچائڻ جو سوچي به نه ٿو سگهان. مون پوري ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان وزيراعظم عمران خان جو ساٿ ڏنو. هن وضاحت ڪندي چيو ته  مخدوم احمد محمود جو جهاز جيڪڏهن يوسف رضا گيلاني  استعمال ڪيو ته ان ۾ منهنجو  ڪهڙو ڏوهه آهي؟ منهنجي جهاز جي باري ۾ حڪومت کي غلط ڄاڻ ڏني وئي آهي ۽ اها غلط ڄاڻ ڏيڻ واري معاملي جي پٺيان اعظم خان ۽ شهزاد اڪبر ئي آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو