لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) پنجاب جي صدر راڻا ثناءُالله چيو آهي ته جهانگير ترين چاهي ته وفاق ۽ پنجاب حڪومت جو تخت اونڌو ڪيون، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُالله چيو ته ٻئي حڪومتون جهانگير ترين جي کاٻي ۽ ساڄي کيسن ۾پيل آهن، وفاق ۽ پنجاب حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾جهاز به گهمائڻو نه پوندو، پي ڊي ايم ناهي ٽٽي،بنيادي معاملي تي سموريون جماعتون گڏ آهن، هڪ يا 2 جماعتون الڳ الڳ جدوجهد ڪرڻ چاهين ٿيون، ان تي اعتراض ناهي.
210