نوابشاهه(ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاھه نوابشاهه ۾ بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فارگرلز جو افتتاح ڪري ڇڏيو، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪاليج جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪري ڪاليج جو باقائده افتتاح ڪيو، ڪاليج جي ڪيڊٽس وڏي وزير مراد علي شاهه کي گلدستا پيش ڪيا، ان موقعي تي چيف انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس سکر خليل احمد شيخ وڏي وزير کي ڪاليج جي تعمير بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نواب شاھه شهر کان 4 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي هڪ سئو ايڪڙن تي ڪيڊٽ ڪاليج تعمير ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اڪيڊمڪ ، ايڊمنسٽريشن، هاسٽل، رهائشي ڪالوني ۽ راندين جا ميدان سميت سڀئي گهربل سهولتون مهيا ڪيو ويون آهن بعد ۾ وڏي وزير ڪيڊٽ ڪاليج ۾ ٻوٽو پوکيو ۽ سائنسي نمائش جو افتتاح ڪيو، ڪيڊٽس جي لڳايل اسٽالن جو تفصيلي دوروڪيو.ان موقعي تي ڪيڊٽس وڏي وزير مراد علي شاهه کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ۽ مارچ پاسٽ، پي ٽي شو ۽ جمناسٽڪ جو شاندار مظاهرو ڪيو، وڏي وزير نصابي ۽ غيرنصابي سرگرمين ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪاليج جي شاگردياڻين ۾ انعام تقسيم ڪيا، جڏهن ته چيئرمين بورڊ آف گورنرس بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز ايئر آفيسر ڪمانڊنگ سدرن ايئر ڪمانڊ ايئر وئيس مارشل عباس گهمڻ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني ۽ ٻين کي ڪاليج جي اعزازي شيلڊ پيش ڪئي.ڪاليج جي افتتاحي تقريب ۾، پيپلز پارٽي جو ايم پي اي علي حسن زرداري، ايم اين اي سيد غلام مصطفى شاھه، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، ايم پي اي طارق مسعود آرائين، پيپلزپارٽي ضلعي صدر علي اڪبر جمالي ، سيد امجد حيدر شاهه ،ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن سيد محسن علي شاھه، ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ابرار احمد جعفر ۽ پرنسپل برگيڊيئر رٽائرڊ محمد امين سميت سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ صحافين شرڪت ڪئي، وڏي وزير نصابي ۽ غيرنصابي سرگرمين ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪاليج جي شاگردياڻين اسرا عباس، همناهه وسيم، اقرا گل، بي بي لاريب، ماريه عباسي ۽ عائشه نور سميت ڪاليج جي قائم مقام پرنسپل عفت مسعود، ليڪچرار بي بي هليمت، مير محمد سيال، سلميٰ خان ۽ ڪيڊٽ فزا شاهد ۾ انعام ورهايا ويا .
235