207

جهانگير ترين ۽ سندس ڪٽنب جا 36 اڪائونٽ منجمد، کنڊ اسڪينڊل ۾ بنا فرق احتساب ٿيندو: عمران خان

لاهور ( م ڊ ) ايف آءِ اي  پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين ۽ سندس ڪٽنب جا 36 اڪائونٽ منجمد ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته  وڏي مافيا کي قانون جي گرفت ۾ آڻيون پيا.  لاهور ۾ نيا پاڪستان منصوبي جي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته وڏيون وڏيون مافياز قانون جي مٿڀرائي جي خلاف مزاحمت ڪري رهيون آهن، پر ڪير پاڻ کي قانون کان مٿانهون نه سمجهي، وڏي کان وڏي مافيا کي قانون جي گرفت ۾ آڻي رهيا آهيون. لاهور ۾ نيا پاڪستان منصوبي جي تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته  اسٽيٽس ڪو ڪنهن به نظام کي تبديل ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، اهو رڪاوٽون نه وجهندو ته پوءِ پيسا ڪيئن ڪمائيندو. تحريڪ انصاف جي حڪومت تبديلي آڻي رهي آهي، پر اهو ڪم ڏکيو آهي ان ڪري ان ۾ ڪجهه وقت ته لڳندو.  ادارن ۾ آٽوميشن آڻڻ ۾ رڪاوٽون بيهاري ڇڏيون آهن ۽ آٽو ميشن جي مخالفت ڪرپشن لاءِ ڪئي ويندي آهي، اسان سڄي سسٽم کي خراب ٿيندي ڏٺو. عمران خان چيو ته ماڻهو چون ٿا ته مديني جي رياست ڪٿي آهي، ماڻهن کي چوان ٿو ته مديني جي رياست جو بنياد 12 اصولن ٻڌل آهي، قانون جي بالادستي ۽ ٻيو رياست جو فلاحي ڪردار آهي، مديني جي رياست ۾ قانون جي مٿڀرائي هئي، طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ هڪ جهڙي قانوني نظام سان ئي قومون ڪامياب ٿينديون آهن، اسان وڏي وڏي مافياز کي قانون جي هيٺان پيا آڻيون، ڪير به پاڻ کي قانون کان مٿانهون نه سمجهي. وزير اعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته نئون پاڪستان منصوبي بابت قانون پاس ڪرڻ ۾ 2 سال لڳا، مورگيج فنانسنگ 0.2 سيڪڙو هئي، منصوبي بابت قانون پاس نه ٿئي ها ته بينڪون پيسا نه ڏين ها، قانون پاس ڪرڻ تي عدالت جا ٿورائتا آهيون. ملڪ ۾ اڏاوتي شعبو هلي چڪو آهي، ان سان سلهاڙيل وڌيڪ صنعتون به هلي پيون آهن، مارچ ۾ سڀ کان وڌيڪ سيمنٽ جي پيداوار ٿي آهي. ٻي پاسي کنڊ سٽا مافيا ۽ جي ڊبليو ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، ايف آءِ اي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ کنڊ اسڪينڊل ۾ نامزد جوابدار جهانگير ترين ۽ سندس ڪٽنب جا 36 اڪائونٽ منجمد ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن موجب اڪائونٽس اي آءِ اي لاهور جي درخواست تي منجمد ڪيا ويا ۽ منجمد ڪيل اڪائونٽس ۾ جهانگير ترين جا 14، سندس  گهرواري جو هڪ ۽ پٽ علي ترين جا 21 اڪائونٽس شامل آهن، جن ۾ 4 آمريڪي ڊالرز، 2 برطانوي پائونڊز ۽ 30 پاڪستاني ڪرنسي جا اڪائونٽ شامل آهن. ذريعن ٻڌايو آهي ته 9 سرڪاري ۽ خانگي بينڪن جهانگير ترين ۽ هن جي خاندان جا 36 اڪائونٽ ايف آءِ اي لاهور جي درخواست تي منجمد ڪيا آهن. سمورا اڪائونٽ مني لانڊرنگ، غيرقانوني طريقي سان شيئر وٺڻ ۽ وڪڻڻ جي الزامن سبب منجمد ڪيا ويا آهن.  ٻي پاسي ذريعن موجب جهانگير ترين پنهنجي پٽ علي خان ترين سميت کنڊ اسڪينڊل ۾ ايف آءِ اي وٽ پيش ٿيو ۽ علي خان ترين  ڏيڍ ڪلاڪ تائين ايف آءِ اي جانچ ٽيم جي سوالن جا جواب ڏنا. ذريعن ٻڌايو ته علي خان ترين کان 4 ارب جي مالياتي فراڊ بابت پنج سوالن جا جواب گهريا ويا. کنڊ بحران اسڪينڊل ۾ جهانگير ترين کي به ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم 2 ڪيسن ۾ گهرايو هو، جهانگير ترين هڪ ڪلاڪ تائين ايف آءِ اي آفيس ۾ موجود رهيو ۽ ايف آءِ اي جي سوالن جا جواب ڏئي واپس روانو ٿي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو