نواب شاھه (رپورٽ: فدا چانڊيو) وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آهي ته صوبن سان نه ڳالهائڻ وفاق جي پاليسي آهي. ڪورونا جا ڪيس تيزي سان وڌڻ جي صورت ۾ لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو. نوابشاهه ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته وفاق جي رويي سبب رڳو سنڌ صوبي کي نه پر سڄي ملڪ کي نقصان ٿي رهيو آهي. وفاق جي پاليسي اها آهي ته نه ڪنهن صوبي سان، نه ڪنهن سياسي جماعت سان ڳالهائڻو آهي ۽ نه ئي وري قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سان ڳالهائڻو آهي، اهو رويو پوري ملڪ ۽ ملڪي معشيت کي نقصان پهچائي رهيو آهي. پاڻي جي کوٽ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي دور ۾ سي سي آئي جي ٿيل اجلاس ۾ مون پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ تجويزون ڏنيون هيون ۽ ڊسمبر 2019 ۾ ٿيل اجلاس ۾ اٽارني جنرل رپورٽ پيش ڪئي هئي جنهن ۾ سنڌ جي موقف جي تائيد ڪئي وئي هئي پر ان تي فيصلو ڪرڻ بدران هڪ ٻي ڪميٽي جوڙڻ ۽ مهيني اندر سفارشون ڏيڻ لاءِ چيو ويو پر بدقسمتي سان گذريل ڏيڊ سال کان اها ڪميٽي ئي نه جوڙي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سي سي آئي جو اجلاس هر ٽين مهيني ٿيڻ گهرجي پر گذريل اجلاس پڻ پنج مهينن کان پوءِ ٿيو هيو ۽ اميد آهي ته سنڌ سان انصاف ٿيندو پاڻي جي کوٽ ختم ٿيندي. ان کان اڳ نواب شاهه ۾ بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز جو افتتاح ڪرڻ بابت تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو ته عورتن کي خودمختيار ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت اڳوڻي صدر ۽ پارٽي ڪو چئيرمين آصف علي زرداري جي سوچ هيٺ نواب شاھه ۾ پاڪستان جو پهريون بختاورڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز قائم ڪيو ويو آهي جيڪو پاڪستان ايئرفورس جي انتظام هيٺ سنڌ صوبي ۽ پاڪستان جي ٻين علائقن کان ايندڙ نياڻين کي اعلى معيار جي تعليم سان گڏ سندن ڪردار ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيوآهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت پاران نياڻين جي تعليم لاءِ قائم هن اداري کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ مڪمل سهڪار ڪيو ويندو ته جئين اڄ جون نوجوان نياڻيون مستقبل جون قابل مائرون ٿي ملڪ ۽ قوم کي اڏڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪرادر ادا ڪري سگهن. هن وڌيڪ چيو ته بختاور گرلز ڪيڊٽ ڪاليج ۾ سمارٽ ڪلاس رومن سان گڏ بهترين راندين جا ميدان ۽ ٻيون سڀ سهولتون موجود آهن جيڪي هن اداري کي مثالي ڪن ٿيون هن وڌيڪ چيوته سنڌ حڪومت صوبي ۾ تعليم جي بهتري لاءِ جاکوڙي رهي آهي تعليمي ادارن جي قيام سان گڏ انهن کي فعال ڪرڻ لاءِ پڻ خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي.
214