ڪراچي(ويب ڊيسڪ) بلديات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڪي فور ۾ اربين رپين جي غبن جي ڳالهه غلط آهي، ايف ڊبليو او ڪم ڪري رهيو آهي، ڪراچي ۾ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کي خطاب ڪندي ناصر شاهه چيو ته سپر هاءِ وي بهتر ڪئي وئي پر موٽروي نه ٺاهيو ويو، سپر هاءِ وي تي موٽروي جهڙي ٽول ٽيڪس تي اعتراض واريو هو، هن چيو ته سنڌ ۾ وفاقي حڪومت بسن جي لاءِ سبسڊي ۾ حصو ناهي وڌو، هن چيو ته وفاق جي 11 سئو ارب رپين جي پيڪيج مان ٽن نالن تي ڪم ٿي رهيو آهي، وفاقي بجيٽ ۾ ڪراچي لاءِ منصوبا ناهن هوندا، ٻين علائقن جي لاءِ هوندا آهن، پي ٽي آءِ وارا مانگر مڇ وارا ڳوڙها ڳاڙين پيا، ڪراچي جا نمائندا اهو معاملو نٿا اٿارين، شهر ۾ پشاور کان وڌيڪ پشتون ۽ ڪوئيٽا کان وڌيڪ بلوچ رهي رهيا آهن، هوڏانهن سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته اسٽيل مل کي هڙپ ٿيڻ ڪونه ڏيندا سين. عمران خان اسٽيل مل پنهنجي دوستن کي ڏيڻ چاهي ٿو. سنڌ حڪومت اسٽيل مل کي هلائڻ چاهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن اسٽيل مل جي مزدورن سان گڏ ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت مزدورن سان گڏ آهي. انهن جي حقن جي لاءِ وڙهندي رهندي. هن چيو ته چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڏني آهي ته اسٽيل مل جي مزدورن جي حقن جو هر حال ۾ تحفظ ڪيو وڃي. وزيراعليٰ سنڌ وفاق کي اسٽيل مل جي معاملي تي خط لکيو آهي ۽ معاملو گڏيل مفادات واري ڪائونسل ۾ اٿاريو آهي، پر وفاقي حڪومت طرفان ڪوبه پازيٽو جواب نه ڏنو ويو آهي. هن چيو ته وزير اعليٰ سنڌ اسٽيل مل جي معاملي تي سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جوڙي آهي. جنهن ۾ ليبر کاتي وارو صوبائي وزير سعيد غني، صنعتن واري کاتي جو صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ قانون بابت وڏي وزير جو صلاحڪار بئرسٽر مرتضيٰ وهاب ۽ معاون خاص وقار مهدي کي شامل ڪيو ويو آهي. ڪميٽي اسٽيل مل جي ورڪرن ۽ ٽريڊ يونين جي اڳواڻن سان 3 اجلاس ڪيا آهن. اطلاعات ۽ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته هي تاثر درست نه آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي دور ۾ اسٽيل مل تباهه ٿي. پيپلز پارٽي جي دور ۾ اسٽيل مل هلي رهي هئي. پر بعد جي حڪومت 2015 ۾ اسٽيل مل جو گيس ڪنيڪشن ڪٽي مل کي ئي بند ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي دور ۾ اسٽيل مل ۾ ڪنهن کي به ملازمت ۾ نه رکيو ويو پر صرف عارضي ملازمن کي مستقل ڪيو هو. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري اسٽيل مل کي هلائڻ لاءِ ايم او يو روس سان سائن ڪيو هو پر اسان جي حڪومت جومدو پورو ٿيڻ جي ڪري ان تي عمل نه ٿي سگهيو. جڏهن ته بعد ۾ ايندڙ حڪومتن ان تي عمل نه ڪيو، ڇو ته اهي مل کي هڙپ ڪرڻ چاهن پيون. اطلاعات ۽ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ روس مان آيل هڪ وفد وزيراعليٰ سنڌ سان ملاقات ڪئي، وفد سان اسٽيل مل جي بحالي تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت اسٽيل مل هلائڻ جو ذمو کڻي ٿي، اسان مزدورن سان گڏجي اسٽيل مل کي هلائيندا سين. اسٽيل مل کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت به بهتر ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ان جي بهترين مثال موجود آهي، سنڌ حڪومت ٿر ڪول پراجيڪٽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلائي رهي آهي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت اسٽيل مل کي هلائڻ چاهي ٿي ته اسين انهن کي مڪمل طورتي سپورٽ ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پر اسان جي شرط آهي ته مزدورن کي نه ڪڍيو وڃي. اطلاعات ۽ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته اسٽيل مل جي زمين سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهي. اسٽيل مل قومي اثاثو آهي، جنهن ملڪ جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي
122