238

اين اي ڊي يونيورسٽي پاڻ کي بهترين ادارو ثابت ڪيو، شاگردن ملڪي ترقي ۾ مدد ڪئي: وڏو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اين اي ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاڻ کي بهترين ادارن مان ھڪ ثابت ڪيو آهي ڇوته سندن شاگردن ملڪ جي ترقي ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي آهي. اها ڳالهه هن اين اي ڊي يونيورسٽي سٽي ڪيمپس ۾ پيڊسٽرين پلن جي ڊزائن لاءِ اين اي ڊي ڊپارٽمينٽ آف آرڪيٽيڪچر جي شاگردن ۾ ڪوٺايل مقابلي ۾ انعامن واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ وزير بلديات ناصر شاهه، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم ۽ ٻيا شامل هئا. وڏي وزير کي شاگردن پاران ڊزائن ڪيل پيڊسٽرين پلن بابت هڪ پريزنٽيشن ڏني وئي.  مراد علي شاهه چيو ته پيڊسٽرين پلن جي ڊزائن واري مقابلي لاءِ آرڪيٽيڪچر جي شاگردن پاران ڪيل شاندار ڪم کي ڏسي هو ڏاڍو خوش ٿيو. مون کي ٻڌايو ويو آهي ته مقابلو گهٽ وقت ۾ ٿيو جنھن جو مقصد اهم جڳهن تي پيڊسٽرين پلن جي تعمير کي ڪارگر بڻائڻ آھي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پريزنٽيشن جو مشاهدو ڪرڻ کانپوءِ هو فخر سان چئي سگهي ٿو ته اين اي ڊي جا شاگرد پنهنجي ممتاز اداري جي اميدن پٽاندڙ عمل ڪري رهيا آھن. هن چيو ته گذرگاھن کي فيلڊ جي گہرائي سان سمجهندي اهم جڳهن بابت ڏيکاريو ويو آهي جتي اهي تعمير ڪيا ويندا. مراد شاهه چيو ته جمالياتي ۽ منطقي ڊزائن ذريعي تمام تجويزون شاندار انداز ۾ پيش ڪيون ويون آهن ۽ پڪ اٿم ته ڪي ڊي اي ٽيم انهن لنگھن کي اسائنمينٽ جي اصل روح موجب شامل ڪندي. هن شاگردن تي زور ڀريو ته کين تعميراتي مشق کي عوامي سطح تي عملي جامو پهرائڻ ۾ هٿ ونڊرائين. ھن چيو تھ آئون توھان کي خاطري ڪرايان ٿو ته توهان سڀني جي سھڪار سان تيار ٿيل تعميراتي اسٽرڪچر تي ڀائيواري ڏسي گهڻو فخر محسوس ڪندا. وڏي وزير اين ڊي اي جي ٽيم کي جنھن ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر سروش حشمت لوڌهي، ڊاڪٽر نعمان احمد، ڊاڪٽر انيلا نعيم ۽ آرڪيٽيڪچر اينڊ پلاننگ ڊپارٽمينٽ جي فيڪلٽي ميمبرن کي هن ذميواري جي پوري نگراني ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. ھن چيو تھ آئون سڀني فاتحن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. بحرحال هر اهو شخص جنھن اسائنمنٽ ۾ حصو ورتو پاڻ کي فاتح سمجهي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته اهڙيون اسائنمٽون اوهان کي حقيقي زندگيءَ جي پيشوراڻي چئلنجن کي سيکارڻ ۽ تجربو حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو آھي. سنڌ جي وڏي وزير شاندار ڪارڪردگي وارن شاگردن ۾ انعام ورهايا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو