224

صحافي اجي لالواڻي ڪيس جا گهربل جوابدار گرفتار نه ٿيا، نئين سر جاچ شروع

صالح پٽ (ويب ڊيسڪ) صحافي اجي لالواڻي ڪيس جا گهربل جوابدار گرفتار نه ٿيا، ايس ايس پي امجد شيخ نئين سر جاچ شروع ڪري ڇڏي، ان سلسلي ۾ صحافي جي قتل کي 24 ڏينهن گذري ويا، وارثن پاران نشاندهي ڪيل مک جوابدارن جي گرفتاري نه ٿي، هوڏانهن آءِ جي سنڌ پاران جوڙيل نئين جاچ سربراهه ايس ايس پي امجد شيخ لالواڻي هائوس پهچي وارثن سان تعزيت ڪري تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي امجد شيخ چيو ته صحافيءَ جي قتل جو مٿين سطح جي فورم تي نوٽيس ورتو ويو آهي، اسان ڪيس کي پروفيشنلي ۽ ٽيڪنيڪلي ڏسنداسين، ملوث جوابدار ڪيترا به بااثر ڇو نه هجن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته ڪيس ۾ اي ٽي سي جا قلم پڻ لڳايا ويندا، پوليس جي ڪوتاهي نظر آئي ته به آءِ جي کي ٻڌائيندس، وارثن جي خدشي تي ڊاڪٽرن کان به انڪوائري ڪئي ويندي،هن چيو ته آءِ جي سنڌ جو حڪم آهي ته صحافي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن صحافي جي وارث هيرانند ۽ ٻين چيو ته ايس ايس پي سکر عرفان سمون اصل جوابدارن خلاف ڪارروائي نه پيو ڪري ان ڪري سندس مٿان اعتماد نه هو، هاڻي جاچ امجد شيخ کي ملي آهي، اميد آهي ته هو انصاف ڪندو. اسان آءِ جي سنڌ کان مطالبو ٿا ڪريون ته وڏي وزير جي حڪم تحت جلد جي آءِ ٽي جوڙي شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي،  ٻئي پاسي پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي سيد جاويد شاهه پڻ تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو