178

نااهل حڪومت آءِ ايم ايف آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن، هر شئي مهانگي ڪئي وئي آهي: پيپلز پارٽي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته نااهل حڪومت جي عوام کي نقصان پهچائڻ جي ڪارنامن جي وڏي لسٽ موجود آهي، اڄ ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي آهي، هفتيوار مهانگائي جا انگ اکر خطرناڪ آهن. بلاول هائوس ۾ ميڊيا سيل تي وقار مهدي ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شازيه مري چيو ته عمران نيازي جا صلاحڪار ۽ وزير چون ٿا ته ملڪ جا معاشي انگ اکر بهتر آهن آهي پر حقيقت ۾ هر شئي مهانگي ڪئي وئي آهي، جنهن رفتار سان مهانگائي وڌي رهي آهي، ان کي نظر ۾ رکندي ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ۾ ٽڪي جو به اضافو نه ڪيو ويو آهي. نااهل حڪومت آءِ ايم ايف آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن. هن لڄ لٽجڻ جي واقعن کي فحاشي سان ڳنڍڻ بابت وزيراعظم جي بيان جي مذمت ڪندي چيو ته اهڙي بيان سان پاڪستان عالمي سطح تي شرمسار ٿيو آهي. وزيراعظم پنهنجي بيان تي قوم کان معافي وٺي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو