125

پاڪستان قرضي آهي، عوام جي ترقي تي خرچ لاءِ گهٽ رقم بچي ٿي: وزيراعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان قرضي آهي، عوام جي ترقي تي خرچ لاءِ گهٽ رقم بچي ٿي، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي وڌيڪ ٽن شهرن تائين ”ڪو بک تي نه سمهي“ پروگرام جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران  خان چيو ته حڪومت قانون جي بالادستي لاءِ تاريخي جنگ وڙهي رهي آهي، سڄي ملڪ ۾ ڪچن ٽرڪ جو ڄار وڇائينداسين، جتي جتي بک تي ماڻهو آهن اتي سروس فراهم ڪنداسين، موبائل ڪچن ذريعي غريبن کي کاڌو ڏنو ويندو، وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته غريب رياست جي ماني کائيندا ته پاڪستان ۾ برڪت ايندي، ملڪ وڌيڪ خيرات ڏيندڙ ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي، عوام جي ترقي تي رقم خرچ ڪرڻ چاهيون ٿا، قرض گهڻو هجڻ جي ڪري رقم گهٽ بچي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو