158

نواز شريف ۽ (ن) ليگ کي ووٽ چوري سان پري نٿو ڪري سگهجي، عوام فيصلو ٻڌائي ڇڏيو: شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف ڊسڪه چونڊن ۾ ڪاميابي تي جيل مان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته نواز شريف ۽ (ن) ليگ کي ووٽ چوري سان پري نٿو ڪري سگهجي، عوام فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، ووٽ جي جنگ وڙهندڙن جو نالو جمهوري جدوجهد ۾ سونهري اکرن سان لکيو ويندو، ڪاميابي عوام جي ٿيندي، سڄي ملڪ مان اهو ئي آواز اچي رهيا آهن، جنهن جو فيصلو ڊسڪه جي عوام ڏنو آهي، حڪومت جي پت وائکي ٿي وئي آهي، هن چيو ته الله تعاليٰ کي جيڪڏهن منظور ٿيو ته جيئن ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ڪئي هئي تيئن قوم کي غربت مان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين، ملڪ ۽ قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ روشن مستقبل جو کسيل سفر ان ئي جذبي سان ٻيهر شروع ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو