ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد احمد ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺهڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته ڪراچي ۾ بهارين سان گڏ سنڌين جا به سڃاڻپ ڪارڊ نه ٿا ٺهن، بهارين ۽ سنڌين جا سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺهڻ وارو معاملو مون کان مٿي جو آهي، هڪ راءِ آهي ته بهارين ۽ سنڌين جا سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺاهيا وڃن. وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو ته گڏجاڻي ۾ معاملو ڊسڪس ٿي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان جيڪو فيصلو ڪندو، ائين ٿيندو، اسان جي خوش قسمتي آهي ته (ن) ليگ جهڙي اپوزيشن ملي، اپوزيشن وارا وزيراعظم عمران خان جو ڪجهه نٿا بگاڙي سگهن، هن چيو ته پيپلزپارٽي کي پي ڊي ايم جو شوڪاز نوٽيس نه ڏيڻ گهرجي ها، جهڙي طرح (ن) ليگ ڪيو، ائين ته جاگيردار به پنهنجن ماڻهن سان ناهن ڪندا، مسلم ليگ وارا ادارن جي خلاف غير پارلياماني ٻولي ڳالهائيندا آهن، مسلم ليگ(ن) مان نه مڃان واري پارٽي بڻجي چڪي آهي، اجايو ضد تي قائم آهي، هن چيو ته اسان کي صرف هڪ ئي چئلينج مهانگائي آهي، ان کي گهٽ ڪنداسين، وزيراعظم عمران خان کي ضمني چونڊن ۾ تمام گهڻا ووٽ مليا آهن، هاڻي اڳتي پنجاب ۾ (ن) ليگ جو مقابلو پي ٽي آءِ سان ٿيندو، ڊسڪه ۾ اسان هارائي به کٽيا آهيون، خوش قسمتي آهي ته اسان کي نالائق اپوزيشن ملي آهي، عثمان بزدار جو قلعو مضبوط آهي ڇو ته وزيراعظم ساڻس گڏ آهي، عمران خان مهانگائي جي معاملي کي پاڻ ڏسي پيو، مافيا سان به وڙهي رهيو آهي، هن چيو ته شهزاد اڪبر خلاف منظم مهم هلائي پئي وڃي، هو احتساب جو وزير آهي، کنڊ اسڪينڊل کي به ڏسي رهيو آهي، هن چيو ته جهانگيرترين ڪيڏانهن نه پيو وڃي، سوئس ڪيس ٻيهر کوليا پيا وڃن.
154