اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته (ن) ليگ احتجاج کان ٻاهر اچي پيپلز پارٽي جهڙي سياست ڪري، پي ڊي ايم جو ڪو به مستقبل ناهي، استعيفائن سان سياست جو دور ختم ٿي ويو، ڊسڪه چونڊ ۾ (ن) ليگ کٽيو ناهي، پي ٽي آءِ هارايو آهي، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ضمني چونڊن ۾ هارائڻ جي سبب ڏانهن پارٽي ۾ توجهه ڏياريندو رهيو آهيان، نواز شريف جو ڪو به نظريو ناهي، نه ئي (ن) ليگ نظرياتي جماعت آهي، ڊگهي عرصي تائين اقتدار ۾ رهڻ تائين مفاداتي ٽولو بڻجي وڃي ٿو، هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي اميد عمران خان آهي، ان جي مقابلي ۾ ڪو به سياسي قد ڪاٺ جو ليڊر ناهي.
158