لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز چيو آهي ته ڊسڪه چونڊ ۾ ووٽ چور سليڪٽڊ مافيا هارائي ويو آهي، عوام جي ڪاميابي ٿي آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوام ووٽ، اٽي، کنڊ، بجلي، گيس ۽ دوائن جي چورن کان پلاند وٺي ڇڏيو آهي، دلير عوام نواز شريف ۽ شهباز شريف جي عوامي خدمت ۽ حب الوطني تي مهر هنئي، هن چيو ته عوام ٻڌايو ته پرزائيڊنگ آفيسرن کي اغوا ڪرائيندڙن جي هتي ڪا به جڳهه ناهي.
