140

استادن جي ٽن مهينن جي پگهار ۽ ٻيا معاملا حل ڪيا ويندا: ناصر شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)  سڌ سماءُ ۽ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان ڊي ايم سي سينٽرل جي 40 کان وڌيڪ عورت استادن جي ملاقات ٿي، استادن مڪاني کاتي جي صوبائي وزير کي درخواست ڪئي ته هو 10 سالن کان وڌيڪ عرصي کان ڊي ايم سي سينٽرل تحت هلندڙ اسڪولن ۾ خدمتون  ڏئي رهيون آهن، پر کيین نوڪرين ۾ مستقل ناهي ڪيو ويو. استادن وڌيڪ چيو ته هنن کي گذريل ٽن مهينن کان پگهارون به ناھن مليون. ان  تي مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه استادن کي خاطري ڪرائي ته سندن 3 مهينن جي پگهارن جو مسئلو فوري طور حل ڪيو ويندو. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت مڪاني ادارن  هيٺ هلندڙ تعليمي ادارن جي بهتري لاءِ مختلف تجويزن تي ڪم ڪري رهي آهي. سمورن تعليمي ادارن جو ڪنٽرول سنڌ جي تعليم کاتي حوالي ڪرڻ لاءِ قانوني پاسن جو جائزو ورتو پيو وڃي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته استاد پنهنجا فرض ذميواري سان سرانجام ڏين ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪن ته جيئن شاگردن کي مستقبل جي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ بهتر تعليم ۽ تربيت ڏني وڃي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو