نارو وال(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال چيو آهي ته (ن) ليگ پنجاب ۾ ڪنهن ٻي جي راند جو حصو نه بڻجندي، نارو وال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڊسڪه چونڊ ثابت ڪيو ته 19 فيبروري تي حڪومت چونڊ چوري ڪئي هئي، (ن) ليگ جي ڪاميابي کانپوءِ هاڻي کين سرٽيفائيڊ ووٽ چور جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته انهن پرزائيڊنگ آفيسرن کي اغوا ڪيو ۽ آئين تي حملو پڻ ڪيو هو.
152