سيالڪوٽ(ويب ڊيسڪ)اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 75 ڊسڪه تي ٿيل ضمني چونڊ جا سرڪاري نتيجا جاري ڪري ڇڏيا آهن، (ن) ليگ جي نوشين افتخار سرڪاري نتيجن ۾ به چونڊن ۾ ڪامياب قرار ڏني وئي آهي، اليڪشن ڪميشن موجب نوشين افتخار هڪ لک 10 هزار 76 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي آهي، پي ٽي آءِ جي علي اسجد ملهي 92433 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، جڏهن ته تحريڪ لبيڪ جو حاجي خليل سنڌو 8268 ووٽ حاصل ڪري ٽئين نمبر تي آيو آهي، هوڏانهن آر او آفيس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نوشين افتخار چيو ته ڪاميابي تي مبارڪون ڏيڻ تي علي اسجد ملهي جي ٿورائتي آهيان، مٺائي کڻي هارايل پي ٽي آءِ اميدوار اسجد ملهي جي گهر وينديس.
135