سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جو ڪم عوام جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ آهي، کنڊ جي اگهه ۾ واڌ جي جانچ ڪرائي ته ان ۾ خوفناڪ شيون سامهون آيون، ڪنهن جا اعتراض آهن ته جائزو وٺي سگهن ٿا پر قانون جي مٿڀرائي تان هٿ نه ٿو کڻي سگهجي سگهي، طاقتور کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ بنا ترقي نٿي ٿي سگهي، جنهن معاشري ۾ انصاف نه هوندو اتي غربت هوندي آهي. اربعا ڏينهن سرگوڌا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي جهانگير ترين ۽ سندس حمايت ڪندڙ ڪجهه ميمبرن بابت سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته آئون ميمبرن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار آهيان. هن چيو ته سوا سال ۾ کنڊ جي اگهه ۾ 26 روپين جي واڌ ٿي، جنهن سان عوام جي کيسي مان 126 کان 140 ارب روپيا نڪري شوگر ملز مالڪن جي کيسن ۾هليا ويا، وزيراعظم چيو ته حڪومت جو ڪم عوام جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ هوندو آهي، اسان جڏهن ايف آءِ اي کان ان معاملي جي انڪوائري شروع ڪرائي ته خوفناڪ شيون سامهون آيون ته خبر پئي ته ڪيئن ڪارٽلز ٺاهي اهي عوام جو رت چوسين ٿا، ٽيڪس چوري ڪن ٿا، انڊر ڊڪليئر ڪندا آهن، وزيراعظم چيو ته ڪنهن کي ڪي اعتراض آهن ته جائزو وٺي سگهجي ٿو پر قانون جي مٿڀرائي تان هٿ نه ٿو کڻي سگهجي، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته غريب لاءِ ڌار ۽ امير لاءِ ڌار قانون هجي. وزيراعظم چيو ته طاقتور طبقو سڀ فائدا وٺي ويندو آهي، اصل نقصان طاقتور ۽ ڪرپٽ ماڻهن ڪندا آهن جيلن ۾ بند غريب ماڻهن جي سڀني چورين کي جمع ڪيو وڃي ته ٻه، ٽي ارب روپيا ٿيندي پر رڳو کنڊ جو اگهه وڌڻ سان ڪجهه شوگر ملن اربين روپيا وڌيڪ ڪمائي ورتا. اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جي ضمانت تي آزادي بابت سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته آئون ان ڪيس بابت ڪا رائي نه ڏيندس. نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته توهان کان پهرين قومون ان لاءِ تباهه ٿيون ته اهي پنهنجي ڪمزورن کي سزائون ڏينديون هيون جڏهن ته طاقتور کي ڇڏيو ويندو هو. هن چيو ته اڳوڻن حڪمرانن جي چوري سڀني جي سامهون آهي، هنن اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي ۽ انهن جي خلاف ثبوت موجود آهن. سڀ ڪجهه ثابت آهي، جيڪڏهن معاشرو طاقتور ۽ ڪرپٽ ماڻهن کي سزا نه ٿو ڏئي سگهي ته اسان جو به ڪو به مستقل نه آهي، مديني جي رياست ۾ قانون جي مٿڀرائي هئي، طاقتور کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو هو، دنيا ۾ ڪا به قوم اهڙي نه آهي جيڪا ترقي يافته هجي پر اتي قانون جي مٿڀرائي نه هجي ۽ ڪا به قوم اهڙي نه آهي جتي قانون جي مٿڀرائي هجي ۽ اها ترقي يافته نه هجي، جنهن معاشري ۾ انصاف نه هجي اتي غربت ٿيندي آهي. وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن به ڪمزور طبقي لاءِ نه سوچيو، موجوده حڪومت پهريون ڀيرو عام ماڻهن کي گهر ٺاهڻ جي لاءِ قرض ڏي پئي. وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي دور ۾ منصوبو ٺاهيو ويو پر ناڪام ٿي ويو، حڪومت ماڻهن کي مفت گهر نٿي ڏي سگهي پر بئنڪن جي ذريعي سهولت ڏياري سگهي ٿي ته جئين عام ۽ غريب ماڻهن کي گهر ٺاهڻ لاءِ ناڻو ملي سگهي، اڳ بئنڪون عام ماڻهن کي قرض نه ڏينديون هيون، هائوسنگ لاءِ قرض ڏيڻ جي راهه ۾ قانوني رڪاوٽ هئي جنهن کي اسان ختم ڪري ڇڏيو. ان ۾ ٻه سال لڳي ويا، گهر ٺاهڻ لاءِ بئنڪن جي شرڪت نهايت ضروري هئي، بئنڪن کي ان منصوبي ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ ضروري قانون ٺاهيو ويو، وزيراعظم چيو ته هاڻي بئنڪن جي عملي کي تربيت ڏني پئي وڃي ته ڪهڙي طرح هو غريب ماڻهو کي سهولت ڏين، حڪومت گهر ٺاهڻ تي ٽي لک روپيا سبسڊي به ڏئي رهي آهي ۽ ان سان گهرن جون قسطون گهٽ ٿي وينديون، هڪ عام ماڻهو جيڪو ناڻو پنهنجي گهر جي مسواڙ جي مد ۾ ڏيندو آهي اهو ئي هاڻي بئنڪ کي قرض جي قسط جي صورت ۾ ڏئي پنهنجي گهر جو مالڪ ٿي سگهي ٿو. ان کان اڳ سرگوڌا ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت 1 هزار 175 گهرن جي تعمير جي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ کان پوءِ تقريب ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هاوسنگ جي شعبي ۾ سرڪاري سطح تي ايترو وڏو منصوبو شروع ڪيو آهي، اڏاوت جي شعبي سان 30 صنعتون واڳيل آهن، انهن منصوبن سان نوجوانن کي روزگار ملندو، صنعت کي فروغ ملندو، ملڪي ناڻي ۾ واڌ ٿيندي، گهر حاصل ڪرڻ جي لاءِ ماڻهن اڳ ۾ ئي رجسٽريشن ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايتري وڏي پئماني تي گهرن جي تعمير جو سرڪاري سطح تي منصوبو شروع ڪيو پيو وڃي ۽ عام ماڻهو جيڪو پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به سوچي به نه سگهندو هو ته ان جو پنهنجو گهر هجي ان جي پنهنجي ذاتي گهر جو خواب پورو ٿي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته ننڍن شهرن سان ڳوٺن ۾ به اهي گهر ٺاهيا پيا وڃن، ماضي ۾ محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ شهرن کان پري ڳوٺن ۾ گهرن جي تعمير جو منصوبو شروع ڪيو ويو هو جڏهن ته اهو ڪامياب نه ٿي سگهيو. ڪراچي ۾ 40 سيڪڙو ڪچيون آباديون آهن، انهن آبادين ۾ نه ته بنيادي سهولت هوندي آهي نه بجلي گئس جو ڪنيڪشن لڳي سگهي ٿو، نه ئي هتي سيوريج جو سسٽم هوندو آهي. وزيراعظم چيو ته پنجاب جي ننڍن شهرن ۾ هي منصوبو هڪ سال ۾ شروع ڪيو پيو وڃي، هن وقت 31 تعلقن ۾ اهو منصوبو شروع ڪيو پيو وڃي.
154