202

ملڪ وڳوڙن جي ور چڙهيل آهي، پوليس تي حملا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٽن ڏينهن کان جاري تشدد جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي تشدد، اغوا، سرڪاري ۽ نجي جاين توڙي پوليس تي حملن جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو  چيو ته پوليس اهلڪار تي مڇريل ماڻهن کي حملن جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، انهن واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته واقعن مان چٽوآهي ته سليڪٽڊ حڪومت ملڪ کي اهڙي خطرناڪ دلدل ۾ ڌڪيو ويو جو ڪير به محفوظ نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ پوليس به تحفظ جي محتاج نظر آئي، حڪومت عوام کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي، اسان جي همدردي شهيد اهلڪارن، بي ڏوهه شهرين جي وارثن سان آهي، پرتشدد واقعن ۾ زخمين کي بهتر علاج جي سهولت ڏني وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو