لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي ضمانت منظور ڪري کيس ان ڪيس ۾ آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي ڪمائي کان وڌيڪ ملڪيتن واري ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ ڪئي، گذريل ڏينهن شهباز شريف جي وڪيل اعظم نذير تارڙ دليل مڪمل ڪري ورتا هئا، جڏهن ته اڄ نيب پراسيڪيوٽر فيصل بخاري دليل ڏنا. نيب وڪيل جو چوڻ هو ته وراثت رمضان ۾ شگر مل شهباز شريف خاندان ۽ چوڌري شگر مل نواز شريف خاندان جي حصي ۾ آئي، شهباز شريف خاندان جا 1990ع کان اڳ هڪ ڪروڙ 6 لک جا اثاثا هئا، 2018ع ۾ اِهي اثاثا 7 ارب 32 ڪروڙ تي پهچي ويا. نيب جي وڪيل دليل ۾ چيو ته شهباز شريف چوي ٿو ته هن کي 124 ملين جو منافعو مليو، پر هو اِهو نٿو ٻڌائي ته سندس واپار ڪهڙو هو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ٽرائل ڪورٽ جي رپورٽ موجب ٽرائل مڪمل ٿيڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لڳندو، اڃا ته ٽرائل ڪورٽ جي جج به مقرر نه ٿيو آهي. عدالت شهباز شريف کي 50-50 لک روپين جا ٻه مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي سندس ضمانت منظور ڪري ورتي.
285