راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني جي بلنڪن ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، ان دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن، علائقائي سلامي جي صورتحال، افغان امن عمل ۾ اڳڀرائي ۽ مختلف شعبن ۾ ٻه طرف تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٽيليفونڪ رابطي دوران آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني جي بلنڪن خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته خطي ۾ امن جا خواهشمند آهيون، پاڪستان افغان امن عمل جي هميشه حمايت ڪندو رهيو آهي، هوڏانهن جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان جاپاني سفير ملاقات ڪئي، ملاقات دوران سيڪيورٽي ۽ گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪستان جاپان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏيندو آهي، علائقائي استحڪام جي لاءِ جاپان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، جڏهن ته جاپاني سفير چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.
211