191

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران 10 مئي تائين مردمشماري جي نتيجن تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ 10 مئي تائين مردمشماري جي نتيجن تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ مردمشماري جي نتيجن ۽ تڪ بندين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته مردمشماري جي حتمي نتيجن جو ڪڏهن اعلان ڪيو ويندو؟، حڪومت جي منظوري بعد رپورٽ پيش ڪئي وڃي، حتمي رپورٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ تڪ بندين جي معاملي کي ڏسنداسين، عدالت ڌرين جي وڪيلن جي دليلن کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي وڌيڪ 4 هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو