لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته شهباز شريف تي فخر آهي، دليري سان سزا قبول ڪئي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي هن چيو ته شهباز شريف نواز شريف جي بيان تي دليري سان ڄمي بيٺو پوئتي نه هٽيو، اهڙا حوصلا ڪڏهن شڪست ناهن کائيندا، احتساب جي نالي تي انتقام ورتو پيو وڃي، (ن) ليگ جي اڳواڻن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، نواز شريف جي بيان تي بيهڻ جي کين سزا ملي رهي آهي.
254