201

شهباز شريف جي ضمانت ميرٽ تي ناهي ٿي، باعزت بري ناهي ٿيو: فردوس عاشق

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪنهن جي ضمانت ٿيڻ عڪاسي ناهي ته اهو عدالت مان باعزت بري ٿي ويو، مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي ضمانت تي ردعمل ڏيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته حڪومت اڪيلي انهن مافياز سان نٿي وڙهي سگهي، فيصلي جو اختيار عدالت وٽ آهي، حڪومت رڳو شاهد پيش ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته ڪنهن جي ضمانت ٿيڻ عڪاسي ناهي ته عدالت مان اهو باعزت بري ٿي ويو، ضمانت اندر ڪنهن جاءِ تي ناهي لکيل ته هن چوري نه ڪئي، ضمانت ميرٽ تي ناهي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو