220

سينيٽ چونڊ: يوسف رضا گيلاني جي اپيل تي سينيٽ چيئرمين، سيڪريٽري ۽ وفاق کي نوٽيس جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 2 رڪني بينچ سينيٽ چيئرمين جي چونڊ خلاف پيپلزپارٽي جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني جي انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، سندس وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته سنگل بينچ اسان جي درخواست ٻن سبب جي ڪري رد ڪري ڇڏي آهي، سينيٽ چيئرمين چونڊ اليڪشن ايڪٽ تحت نه پر پاڪستان جي آئين تحت ٿيندي آهي، مظفر شاهه پرزائيڊنگ آفيسر هو ان چيو ته خاني جي اندر ڪنهن به جڳهه تي ٺپو هڻي سگهجي ٿو بعد ۾ ان تي 7 ووٽ رد ڪيا، اسان سينيٽ سيڪريٽري وٽ وياسين، ٻڌايوسين ته غلط طور تي ووٽ رد ٿيا آهن، جنهن تي جسٽس عامر فاروق کائنس پڇاڻو ڪيو ته ڇا چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ جي طريقيڪار لاءِ ڪو قانون موجود ناهي؟، جنهن تي وڪيل چيو ته ان لاءِ ڪو به قانون موجود ناهي، جنهن تي عدالت چيو ته پوءِ ايتري عرصي کان چونڊون ڪيئن ٿي رهيون آهن، بعد ۾ عدالت انٽرا ڪورٽ اپيل تي سينيٽ چيئرمين، سيڪريٽري ۽ وفاق کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو