157

ٻٻرلوءِ ۾ مستوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، پلاند طور نوجوان قتل

ٻٻرلوءِ (ويب ڊيسڪ) ٻٻرلوءِ ۾ مستوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، پلاند طور نوجوان قتل، ان سلسلي ۾ 5 سال اڳ قتل ڪيل گلشن مستوئي جي ڪيس ۾ گرفتاري بعد 3 مهينا اڳ ضمانت تي آزاد ٿيل عديل انصاري ڪورٽ مان حاضري تان واپس موٽي رهيو هو ته ٻٻرلوءِ جي آرمي موڙ وٽ هٿياربندن سندس گاڏي روڪي گوليون هڻي قتل ڪيو، واقعي بعد 2 جوابدار طاهر مستوئي ۽ مهتاب مستوئي پاڻمرادو ٿاڻي تي پيش ٿيا، پوليس لاش تحويل ۾ وٺي ڳاڙهي موري اسپتال پهچايو، لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن مقتول جي امڙ ارشاد خاتون جي فرياد تي ٻٻرلوءِ ٿاڻي تي گل، علي حسن، مير حسن، محمد حسن، مهدي حسن، سجاد، طاهر ۽ فرحان مستوئي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن پوليس مختلف هنڌن تي گرفتارين لاءِ ڇاپا شروع ڪري ڇڏيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو