لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت بحران گهٽايا نه پر وڌائي ڇڏيا آهن، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حۡڪومت جو ڪنهن به معاملي تي نوٽيس وٺڻ ان کي ستيا ناس ڪرڻ برابر آهي، اها ئي رورس گير لڳل رهي ته ملڪ خدا نه ڪري ڪنهن کڏي ۾ نه ڪري پئي، هن چيو ته عوام ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي، سندن گذارو مشڪل ٿي پيو آهي، ماڻهو پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهن، عوام کي ڪابه سهولت نٿي ڏني وڃي.
158