146

ٽي ايل پي جي مظاهرن بعد فرانس پاران پنهنجي شهرين کي پاڪستان ڇڏڻ جي هدايت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ فرانسيسي سفارتخاني پاڪستان ۾ رهندڙ پنهنجي شهرين کي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي موجب پاڪستان ۾ فرانسي سفارتخاني پنهنجي شهرين کي هڪ اي ميل ڪئي آهي، جنهن ۾ کين صلاح ڏني وئي آهي ته پاڪستان ۾ فرانسيسي مفادن کي سنگين نوعيت جي ڌمڪين سبب فرانسيسي شهري ۽ ڪمپنيون عارضي طور تي ملڪ ڇڏي ڏين، اي ميل ۾ چيو ويو آهي ته هتان شهرين کي روانگي دستياب ڪمرشل ايئر لائنز ذريعي ئي ٿيندي، ان دوران سفارتخانو جيئن جو تيئن کليل رهندو ۽ محدود اسٽاف سان ڪم جاري رکندو، سفارتخاني جي ترجمان پرڏيهي خابرو اداري کي تصديق ڪئي ته پاڪستان ۾ رهندڙ فرانسيسي شهرين کي خبردار ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ هلندڙ صورتحال جي ڪري کين خطرو ٿي سگهي ٿو. فرانس جي خابرو ايجنسي اي ايف پي مطابق، سفارتخاني پنهنجن شهرين کي ”سنگين خطرن“ جي ڪري ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو