223

فيض آباد ڪيس جي فيصلي سبب مون لاءِ قيامت ڪئي وئي آهي، رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهندس:جسٽس قاضي فائز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ۾ دليل ڏيندي چيو آهي ته مون کي جج طور سپريم ڪورٽ جي عهدي تان هٽائڻ چاهين ٿا ۽ مون کي هٽائڻ جي خواهش جو سبب اهو آهي ته مان فيض آباد ڪيس جو فيصلو ڏنم، فيض آباد ڪيس جي فيصلي سبب مون لاءِ قيامت ڪئي وئي آهي پر رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهندس، همت نه هارائيندس. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ دليل ڏيندي چيو ته فروغ نسيم مون تي ۽ گهرواري تي سنگين الزام هنيا، منهنجي گهرواري ڪيس ۾ ڌر نه هئي پوءِ به ان خلاف فيصلو ڏنو ويو، فروغ نسيم لاءِ عدالت جو احترام نه پر وزارت ضروري آهي. هن چيو ته سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ميمبرن بدنيتي تي ٻڌل ڪارروائي ڪئي ۽ ڪڏهن مون کي صفائي جو موقعو نه ڏنو، سپريم جڊيشل ڪائونسل انصاف جو قتل ڪيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي دليلن ۾ چيو ته آصف سعيد کوسا منهنجو موقف ٻڌڻ بنا منهنجي پٺي ۾ ڇُرو هنيو، منهنجي ساٿي ججن جڊيشل ڪائونسل ۾ مون کي چريو قرار ڏنو، چيو ويو  ته عمران خان جي فيملي جي باري ۾ ڳالهه نٿي ٿي سگهي، عمران خان ڪرڪيٽر هو ته ان جو مداح هيس ۽ آٽوگراف به ورتو هئم، عظمت سعيد منهنجو دوست هو پر ان جي فيصلي تي ڏُک ٿيو، عظمت سعيد اڄ حڪومت جي پسنديده شخصيت آهي. هن چيو ته آئون رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهندس، همت نه هاريندس. تحريڪ انصاف جي نظرثاني درخواست ۾ چيو ويو ته جج ٿيڻ جو اهل ئي نه آهي، ها آئون واقعي جج ٿيڻ جو اهل نه آهيان ڇو ته آئون بنيادي حقن جي ڳالهه ٿو ڪريان. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اپيل ڪئي ته ڪيس جي ٻڌڻي صبح جي وقتن ۾ مقرر ڪئي وڃي، ڇو ته ٻڌڻي جلد مڪمل ٿيڻ ضروري آهي، جسٽس منظور ملڪ جي رٽائر ٿيڻ ۾ گهٽ وقت آهي. ان تي جسٽس عمر عطا چيو ته توهان کي هاڻ ياد اچي رهيو آهي ته وقت گهٽ آهي؟ توهان سڌي ريت ڪوريج جي درخواست ۾ مارچ مهينو ضايع ڪري ڇڏيو، جنهن تي جسٽس قاضي چيو ته لائيو ڪوريج جي درخواست منهنجي ان اميج سبب اهم هئي، جيڪو انهن پبلڪ ۾ ٺاهيو. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اميج ٺاهڻ واري ذات الله جي آهي، توهان ان تي يقين رکندا آهيو ته ڳڻتي ڇو، جنهن تي جسٽس قاضي چيو ته ڳڻتي سپريم ڪورٽ جي آهي، منهنجي ڪهڙي حيثيت آهي. پوءِ عدالت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو