راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف پاران فوجي فائونڊيشن هيڊ ڪوارٽر جو دورو، اسپتال ۽ اسڪول جو افتتاح، آمريڪي سفير جي به ملاقات، ان سلسلي ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه 100 بسترن واري اسپتال ۽ اسڪول آف نرسنگ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه فوجي فائونڊيشن هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو، جتي فوجي فائونڊيشن آمد تي ايم ڊي ۽ سي اي او وقار احمد ملڪ آرمي چيف جو استقبال ڪيو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي فائونڊيشن جي منصوبن ۽ مختلف شعبن بابت بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته آرمي چيف معياري خدمتن جي لاءِ فوجي فائونڊيشن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فوجي فائونڊيشن مان فائدو کڻندڙ 80 سيڪڙو مريض شهيدن ۽ غازين جا وارث آهن جڏهن ته فوجي فائونڊيشن جي رفاحي ڪمن مان 90 لک ماڻهو فائدو کڻي سگهندا، ٻئي طرف آرمي چيف جنرل قمبر جاويد باجوه سان سان آمريڪي قائم مقام سفير انجيلا ايگلر ملاقات ڪئي، ملاقات دوران خطي ۾ سيڪيورٽي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، ان موقعي تي آمريڪي سفير پاران پاڪستان جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي وئي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چيو ته اميد آهي ته هر شعبي ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي تعاون کي وڌيڪ هٿي ملندي، آءِ ايس پي آر موجب آمريڪي سفير افغانستان ۾ امن جي حاصلات لاءِ آمريڪي امداد جاري رکڻ جو به يقين ڏياريو.
215