قبو سعيد خان (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي جهل مگسي جي علائقي ليويز ٿاڻو باريجه جي حد ڪامل شامل ۾ پ پ ايم پي اي مير نادر علي خان مگسي جي سئوٽ جي پٽ مير سالار خان مگسي جي هٿياربندن پاران زميني تڪرار تان مير نادر علي خان مگسي جو گارڊ نظام الدين ڪاروزئي مگسي گوليون لڳڻ سبب موقعي تي قتل ٿي ويو، جنهن جي مڙهه کي ضروري ڪاروائي بعد اباڻي ڳوٺ بهرام نيو ويو، جڏهن ته گذريل ڪافي مهينن کان ايم پي اي مير نادر خان مگسي ۽ ايم اين اي مير عامرخان مگسي جو پنهنجي سئوٽ جي پٽ سالار خان مگسي سان زميني تڪرار هلندڙ هو، جڏهن ته گذريل ڏينهن شام جو ٻنهي ڌرين جا هٿياربند ماڻهو تڪراري زمين تي قبضي لاءِ پهتا ته اسسٽنٽ ڪمشنر جهل مگسي ليويز فورس ساڻ ڪري ٻنهي ڌرين جا هٿيار بند واپس ڪرائي ڇڏيا، جڏهن ته صبح جو ٻيهر ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن ۾ جهڙپ ٿي ۽ گوليون لڳڻ سبب ميرنادرعلي خان مگسي جو گارڊ نظام الدين ڪاروزئي مگسي موقعي تي مارجي ويو، اطلاع ملڻ تي مير نادرعلي خان مگسي واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش اباڻي شهر بهرام موڪليو، واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف و حراس ڇانيل آهي .
234