ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ ۽ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين چيو آهي ته وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ سنڌ کي هميشه نظر انداز ڪيو ويندو آهي، وزيراعظم پاڻ چئي چڪو آهي ته سنڌ اسان جو صوبو ناهي، ان مان ئي ظاهر ٿي وڃي ٿو ته انهن جا سنڌ لاءِ ڪهڙا جذبات آهن، هن چيو ته وفاقي بجيٽ پروگرام ۾ سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويندو، اڪثر آن لائن اجلاسن ۾ سنڌ جي بيوروڪريسي کي گهرايو ويندو آهي، سياسي قيادت يا صوبائي وزيرن کي ان جو اطلاع به نٿو ڏنو وڃي، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ جي عوام جي ترقي ۽ بهتري جي پروگرامن ۾ سهڪار ڪرڻ لاءِ اسين تيار هوندا آهيون پر وفاقي حڪومت پاران ڪوبه رابطو ناهي ڪيو ويندو، هن چيو ته وزيراعظم جي سنڌ جي دوري بابت اڃا تائين کين سرڪاري طور آگاهه ناهي ڪيو ويو، وفاقي حڪومت پاران سنڌ لاءِ ترقياتي پيڪيج کي اسين ويلڪم ڪيون ٿا جيڪڏهن سنڌ جي عوام جي بهتري لاءِ وفاقي حڪومت ڪو پيڪيج آڻِي ٿي ته سنڌ حڪومت ان ۾ سهڪار ڪندي، هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ جو اعلان صرف صدر آصف علي زرداري جي حڪومت ۾ ٿيو هو ان کان پوءِ ن ليگ جي حڪومت کي نئين اين ايف سي ايوارڊ جو اعلان 2015 ۾ ڪرڻو هيو پر نئين اين ايف سي ايوارڊ جو اعلان اڃا تائين ناهي ڪيو ويوم هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن نئين اين ايف سي جو اعلان ٿي وڃي ته سنڌ حڪومت وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويندي. هن چيو ته پيپلز پارٽي هن وقت اڪيلي جماعت آهي جيڪا آدم شماري تي اڪيلي وڙهي رهي آهي جيڪي گهڻيون ڳالهيون ڪندا هئا انهن ڪو اعتراض نه واريو، ايم ڪيو ايم آدم شماري جي معاملي تي خاموش رهي، پي ٽي آءِ کي ڪراچي مان سڀ کان وڌيڪ مينڊيٽ مليو انهن پڻ ڪا ڳالهه نه ڪئي، هن چيو ته سنڌ جي آبادي گهٽ ڏيکاري وئي آهي، يونيسيڪو جي مطابق سنڌ جي آبادي 6 ڪروڙ کان مٿي آهي آدم شماري گهٽ ڏيکارڻ سان اين ايف سي ۾ حصي تي وڏو فرق پوي ٿو. ٻئي طرف صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه لياقت آباد ڊسپينسري ۾ جي ڊي سي تحت مريضن لاءِ مفت ڊائلسز سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي.
231