281

وزيراعظم جو سنڌ جي 14 ضلعن لاءِ 446 ارب روپين جي پيڪيج جو اعلان، ٻيٽن تي شهر ٺاهڻ لاءِ ٻيهر اجازت گهر ي ورتي

سکر(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان سنڌ جي 14 ضلعن لاءِ 446 ارب روپين جو ترقياتي پيڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ سنڌ حڪومت ڇي ٻيٽن تي شهر ٺاهڻ جي اجازت ڏيڻ جتي واپس ورتل فيصلي تي نظرثاني لاءِ پڻ زور ڀريو آهي. جمع ڏينهن سکر آءِ  بي اي يونيورسٽي ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي تقريب ۾ خطاب ڪندي  وزيراعظم ان پئڪيج جو اعلان ڪيو. ان پئڪيج ۾حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، بدين، ٽنڊو الله يار، ٽنڊو محمد خان، ميرپور خاص، سانگهڙ، شڪارپور، گهوٽڪي، خيرپور، نوشهرو فيروز، دادو ۽ جيڪب آباد شامل آهن. وزير اعظم عمران خان خطاب ڪندي چيو ته ته  سنڌ جي ٻيٽن تي شهر ٺاهڻ جو منصوبو سنڌ جو ھو ۽ ان جو فائدو سنڌ جي ماڻھن کي ٿيڻو ھو ، اسان اڳ ئي سنڌ حڪومت کي چيو ھو ته ان مان پيدوار به توھان رکجو. جنھن تي سنڌ حڪومت اين او سي به ڏني ۽ اسان ٻيٽن تي شھر اڏڻ جي تياري به ڪري ڇڏي پر  سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته سنڌ حڪومت اين او سي ڏيڻ کان پوءِ واپس ڇو ورتي. اسان ته رڳو اھو چاھيون ٿا ته ھتي سيڙپ ڪاري ٿئي ان منصوبي تي پرڏيهه مان 40 ارب ڊالر اچڻا ھئا، جنھن تي اسان جي مٽا سٽا جي ناڻي ۾ واڌ ٿيندي،  جنھن سبب اسان جو پيسو وڌيڪ مضبوط ٿئي ھا. گزريل ڏينھن پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ جيڪي لاٿ آئي اھا اسان جو روپيو مضبوط ھئڻ جي ڪري ٿي آھي. ٻيٽنجي مصنوبي سان سنڌ جي ماڻهن کي روزگار ملندو. آئون هينئر  به سنڌ حڪومت کي چوان ٿو ته سنڌ جو منصوبو سنڌ جي ماڻھن جو آھي، سنڌ حڪومت ٻيٽن تي شهر ٺاهڻ جي اين او سي واپس وٺڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪري.  ھن وڌيڪ چيو  ته سنڌ لاءِ 446 ارب روپين جو پيڪيج وفاق پنھنجي بجٽ مان ڏئي رھيو آھيان. هن چيو ته سنڌ پاڪستنان جو سڀ کان غريب ترين علائقو آهي، سنڌ جا ماڻهو بنيادي ضرورتن کان محروم آهن، سنڌ جا ڳوٺ اڳتي وڃڻ بدران پوئتي پيا وڃن، پنجاب ۾ مافيا سان مقابلو آهي، ان ڪري سنڌ ۾ وقت نه گذاري سگهيس، ڏاڍي دير سان سنڌ ۾آيو آھيان پر سنڌ ۽ سنڌ جي عوام لاءِ خوشخبري کڻي آيو آھيان. جنھن صوبي ۾ اسان جي حڪومت نه آهي  اھو صوبو به اسان جو آھي،  سنڌ سميت پورو ملڪ  منھنجو آھي، آئون ايمانداري ۽ ديانتدار سان پوئتي پيل علائقن کي اڳتي آڻڻ ۾ مدد ڪندس. جيستائين حالتون بھتر نه ٿينديون تيستائين ھن طرف ڌيان ڏيندو رھندس. سنڌ جا ماڻھو تمام پٺتي پئجي ويا آھن، پاڪستان جو سڀ کان غريب علائقو آھي اسان جي لاءِ ضروري آھي ته نوجوانن کي پنھنجي پيرن تي بيھاريون ۽ انھن جي لاءِ ڪاروبار جو انتظام ڪجي. اسان جي حڪومت ھر ممڪن ڪوشش ڪندي ته بنا وياج جي قرض ڏنو ويندو ، سنڌ  ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جو 33 سيڪڙو فنڊ ڏنو ويو آھي پھرين اسان ڪفالت پروگرام ۾ 70 لک ماڻهن  کي شامل ڪرڻ جو سوچيو ھو،  پر ھاڻي اسان ھڪ ڪروڙ ويهھ لک خاندانن کي شامل ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته  جڏھن اسان کي حڪومت ملي ته ملڪ تي تاريخ جو سڀ کان وڏو قرض ھو، اسان اڍائي سالن اندر 35 ھزار ارب روپيا واپس ڪيا آھن، لاڪ ڊائون جي ڪري ملڪ ۾ غريبي وڌي پر رب جو شڪر آهي ته  اسان دنيا جي مقابلي ۾ سڀ کان اڳ ملڪ کولي ڇڏيو ۽ ڪمزرو طبقي کي وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتوسون.  اسان  ھتي ڀارت جھڙي صورتحال پيدا ٿيڻ نه ڏني ھن چيو ته  ڏکڻ بلوچستان ۾ اڄ تائين سڀ کان وڏو پيڪيج اسان جي حڪومت ڏنو ۽ اڃان ان پيڪيج کي وڌايو ويندو،ھاڻي اسان جو سمورو زور ننڍي طبقي کي مٿي آڻڻ تي آھي. عمران خان وڌيڪ چيو ته ارڙهين ترميم کان پوءِ سمورو پئسو صوبن حوالي ٿي ويندوآهي وفاق قرض وٺي ھلندو آھي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سکر کان حيدرآباد تائين موٽر وي ٺهڻ تمام گهڻو فائدو، ڪاروبار آسان ۽ واپار کي هٿي ملندي ، نئين گاج ڊيم ٺهڻ سان زرعي زمينن کي فائدو ٿيندو. ان کان اڳ رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم عمران خان جو مشن پنهنجي لاءِ پرڏيهه ۾ ملڪيتون ۽ پئسو ٺاهڻ نه آهي. هو عام ماڻهوءَ جي زندگي جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي، سنڌ حڪومت سنڌ جي نالي تي ووٽ وٺي وفاقي جي ترقياتي منصوبن جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهندي رهي آهي، وفاق اهو به ڪري رهيو آهي جيڪو ان جي ذميداري ۾ نه آهي. سنڌ لاءِ 446 ارب رپين جو وڏو پيڪيج ڏنو آهي. ان پئڪيج ۾ حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، بدين، ٽنڊو الله يار، ٽنڊو محمد خان، ميرپور خاص، سانگهڙ، شڪارپور، گهوٽڪي، خيرپور، نوشهرو فيروز، دادو ۽ جيڪب آباد شامل آهن. هن چيو ته سکر- حيدرآباد موٽر وي مڪمل ڪيو ويندو. ايندڙ هفتي ان جي منظوري ڏني ويندي. سنڌ ۾ شديد لوشيڊنگ آهي، بجليءَ جي رسد جي نظام ۾ سيڙپڪاري نه ڪئي وئي ۽ ٽرانسفارمرز جي به گهٽتائي آهي، سنڌ گيس پيدا ڪندڙ سڀ کان وڏو صوبو آهي، هتي ڪيترن ئي ضلعن ۾ گيس نڪري رهي آهي، سنڌ ۾ جتان گئس نڪري ٿي اتان کان 5 ڪلو ميٽرن تي موجود ڳوٺن کي گئس نه ملي آهي، جڏهن ته ان گئس تي اتان جي عوام جو پهريون حق آهي، 22 ارب روپين جي گيس بجلي جي منصوبن تي ايندڙ ٻن سالن ۾ ڪم شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته پيڪيج هيٺ تحت روهڙي- حيدرآباد اسٽيشنن کي بهتر ڪيو ويندو جنهن سان مسافرن کي سولائي ٿيندي. نئون گاج ڊيم 28800 ايڪڙ ايراضي سيراب ڪندو. وفاق پنهنجي وسيلن سان ان کي مڪمل ڪندو. نوجوانن لاءِ وڏا وڏا فيصلا ڪيا ويا آهن، هڪ لک نوجوانن کي مختلف هنرن جي سکيا ڏني ويندي، راندين لاءِ فراهم ڪيل سهولتن مان هڪ لک 30 هزار نوجوان مستفيد ٿيندا، انهن ۾ 35 هزار ڇوڪريون پڻ شامل هونديون. وفاقي وزير چيو ته 2 لک ماڻهن کي پاسپورٽ جي حاصلات لاءِ ٻين ضلعن ۾ وڃڻو پوندو هو هاڻي کين 14 جديد سينٽرن جي قيام سان مقامي سطح تي اها سهولت حاصل هوندي. 30 تعلقن ۾ نادرا سينٽر قائم ڪيا ويندا، انٽرنيٽ ۽ براڊ بينڊ جي سهولت ڏني ويندي. 37 لک آباديءَ کي اها سهولت ملندي ۽ 12 لک آبادي آپٽڪ فائبر سان منسلڪ ٿي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو