ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهن، وفاقي حڪومت جي ڪنهن به ڳالهه تي ڀروسو نٿا ڪري سگهون، وزيراعظم ٻڌائي ته ڇا سنڌ حڪومت ٻيٽن بابت ڪا اين او سي ڏني هئي؟، وزيراعظم رڳو اعلان ڪري ٿو، سنڌ سان ڪا دلچسپي ناهي، هو رڳو رمضان شريف ۾ ڪراچي ۾ پنهنجي اسپتال لاءِ چندو وٺڻ اچي ٿو، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان ماضي وارا منصوبا مڪمل ناهن ڪيا، واعدا وفا ناهي ڪندو، ڪپتان جو نئون نالو اعلان خان تجويز ڪرڻ چاهيان ٿو، ڪراچي ۾ شوڪت خانم لاءِ چندو وٺڻ اچي ٿو، پهريون ليڊر آهي جيڪو حۡڪومت ۾ هوندي ڏيڻ بدران وٺڻ اچي ٿو، هن چيو ته گورنر هائوس تقريب ۾ سڀ ماسڪ کانسواءِ ويٺا هئا، ائين اجتماع ۽ جلسا ڪرڻا آهن ته پوءِ ويڪسين گهرائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، سنڌ ۾ ڪورونا جي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، جيڪڏهن احتياط نه ڪيو ته پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو، هن چيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، اسد عمر ڪا تاريخ ڏئي هي پيڪيج ڪراچي لاءِ ڪڏهن ايندو؟ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ يونيورسٽي جو افتتاح ڪيو هو اها يونيورسٽي ڪٿي آهي؟، ماضي ڏسو ته اڄ تائين ان جو ڪو به واعدو پورو ٿيندي نظر نه آيو.
226