اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نواز شريف سان ٽيليفون رابطو ٿيو جنهن ۾ هنن ملڪ جي گڏيل سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن رمضان کان پوءِ پي ڊي ايم جي تحريڪ کي تيز ڪرڻ ۽ ننڍي چونڊ ۾ حڪومت جي عوام ۾ غير مقبوليت تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان ۽ نواز شريف رمضان المبارڪ کان پوءِ حڪومت مخالف تحريڪ کي تيز ڪرڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون.
226