لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بيواهن ۽ يتيمن جا حق کائي جاتي عمره ۾ محل تعمير ڪيا ويا آهن، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته شريف خاندان پنهنجي شاهي فرمان تحت جاتي عمره جي زمين تي ناجائز قبضو ڪيو آهي، ملڪ ۾ هٿ وٺي مذهبي نفرت پکيڙي فرق پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ حڪومت جي ذميواري آهي، حۡڪومت ڪنهن کي رياست جو اختيار استعمال ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهي.
218