واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي انٽيليجنس پاڪستان تي ڀارت جي حملي جو امڪان ظاهر ڪندي ان بابت آمريڪي ڪانگريس ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي.آمريڪا جي ڊائريڪٽر آف نيشنل انتيليجنس ” خطري جي جائزي جي سالياني رپورٽ 2021 “ ڪانگريس کي موڪلي آهي. ان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نريندر مودي پاڪستان خلاف پنهنجي طاقت جو استعمال ڪري سگهي ٿو ان لاءِ مٿس ڪوڙو الزام هڻندو. ڀارت پاڪستان تي ڪوڙو الزام مڙهي حملو ڪري سگهي ٿو. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ائٽمي هٿيار رکندڙ ٻنهي ملڪن ۾ ڪشمير جي معاملي تان ڇڪتاڻ وڌڻ جو خطرو اڃان به موجود آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ جو هلندڙ سال ۾ ته امڪان نه آهي پر 5 سالن جي اندر لڳي سگهي ٿي. رپورٽ ۾ اهو پڻ چيو يو آهي ته آمريڪا جي مفادن لاءِ چين، روس ۽ ايران وڏو خطرو آهن.
159