لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته وفاقي وزارتن جي تبديلي سان ڪو فرق نه پوندو، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مافياز حڪومت تي خرچ ڪيو، هاڻي اهي سڀئي ملڪي معاملا هلائي رهيا آهن، آءِ ايم ايف جيڪو ڊڪٽيڊ ڪري پئي، حڪومت اهو ئي لاڳو ڪري ڇڏي ٿي، هن چيو ته ماڻهو ڪورونا وبا جي ڪري مشڪلاتن ۾ آهن، اسپتالن ۾ بنيادي سهولتون ناهن، حڪومت عوام کي لاوارث ڇڏي ڏنو آهي، هوڏانهن جماعت اسلامي پاڪستان مختلف قومي معاملن ۽ ٻين امورن جي لاءِ جماعت اسلامي پاڪستان جي امير جي لاءِ مشير مقرر ڪري ڇڏيا آهن. جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات قيصر شريف جي جاري ڪيل خبر موجب ڊاڪٽر بشير احمد لاکاني کي توانائي، پروفيسر محمد ابراهيم کي تعليمي، ڊاڪٽر واسع شاڪر کي صحت، عنايت الله خان کي بلديات، حافظ محمد خان کي زرعي، جسٽس ر عبدالرحمان کي قانوني، عبدالرشيد ترابي کي ڪشمير، شبير احمد خان کي افغان امور جي لاءِ جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق جا خصوصي مشير هوندا.
185