199

شهباز شريف پاران جاتي عمره آپريشن معاملو عدالت ۾ آڻڻ جي هدايت

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف جاتي عمره آپريشن وارو معاملو عدالت ۾ کڻي وڃڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ شهباز شريف سان حمزه شهباز ۽ گهرڀاتين ملاقات ڪئي، ان دوران سياسي صورتحال کان علاوه جاتي عمره زمين بابت غور ويچار ڪيو ويو، شهباز شريف وڪيلن کي اهو معاملو عدالت ۾ کڻي وڃڻ جي هدايت ڪئي، ملاقات کانپوءِ شهباز شريف ميڊيا سان ڳالهائڻ کانسواءِ واپس روانو ٿي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو