هوانا(ويب ڊيسڪ) ڪيوبا جي ڪميونسٽ پارٽي جي سربراهه رائول ڪاسترو پنهنجي جماعت جي سربراهي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، 8 هين ڪانگريس جي افتتاح جي موقعي تي هن استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، هن چيو ته منهنجي استعيفي ٰ ڏيڻ کانپوءِ ڪيوبا جو عوام 6 ڏهاڪن کان ملندڙ ڪاسترو خاندان جي رهنمائي کان محروم ٿي ويندو، پنهنجي ملڪ انقلاب ۽ سوشل ازم جي دفاع لاءِ هر وقت تيار رهندس، هن عهدو ڇڏڻ کان اڳ آمريڪا سان احترام جوڳي ڳالهه ٻولهه جو مطالبو ڪيو، خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب رائول ڪاسترو ۽ سندس ڀاءُ فيڊل ڪاسترو ڇهن ڏهاڪن کان ڪيوبا جا سربراهه رهيا، فيڊل ڪاسترو 2006ع ۾ اقتدار رائول حوالي ڪيو، پاڻ 2016ع ۾ دم ڏنو، رائول ڪاسترو 2008ع ۾ صدر چونڊجو، 3 سال اڳ عهدو ميگيل ڊياز حوالي ڪيو هو.
240