محرابپور(ويب ڊيسڪ) خميس واري ڏينهن رات جو 11 وڳي کان گم ٿيل محرابپور شھر جي نيو ٽائون واري علائقي جي وارڊ نمبر 15 جي رھواسي رٽائرڊ فوجي يامين ملڪ جي نوجوان پٽ ڊکاڻڪو ڪم ڪندڙ آصف ملڪ جو لاش محرابپور ڀرسان جالندھري آرائين وٽان ڳوڌو شاخ مان ھٿ آيو آهي، نوجوان آصف ملڪ جو لاش ڳوڌو شاخ ۾ ڦاٿل ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس اطلاع ملڻ بعد واقعي واري ھنڌ پھچي لاش ايمبولينس ذريعي محرابپور جي بنيادي صحت مرڪز آندو، آصف ملڪ جي لاش ملڻ واري خبر پوڻ تي نوجوان جا وارث ۽ سوين شھري اسپتال پھچي ويا، وارثن جي اجازت بعد ڊاڪٽرن پاران نوجوان آصف ملڪ جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪري سندس جسم جي مختلف حصن مان جزا ورتا، پوسٽ مارٽم بعد پوليس ضروري ڪاروائي ڪندي نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو، جنهن بعد وارثن لاش کڻي وچ شھر ۾ قائم ٿاڻي آڏو رکي نٽھڻ اس ۾ 2 ڪلاڪ ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي يامين ملڪ جو چوڻ ھو ته اسان جي ڪنهن سان ڪابه ذاتي دشمني ناھي، منهنجي پٽ کي بيگناھه قتل ڪيو ويو آھي، پٽ کي ماري مونسان ظلم ڪيو ويو آھي، خدارا اسان سان انصاف ڪيو ويو، ڊي ايس پي محرابپور عبدالحفيظ بلوچ ۽ ٻيا پوليس عملدار پهتا جن احتجاج ڪندڙن سان ڳالھيون ڪيون، پوليس جي خاطري بعد وارثن لاش کڻائي گھر روانا ٿي ويا، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.
236