شاهپورچاڪر (ويب ڊيسڪ) شاهپورچاڪر ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٺوڙڪيڪور خير محمد ڏاهري ۾ ڀيل برادري جي نوجوان حاملا عورت مبينا طور مڙس هٿان گهٽا ڏيئي قتل جوابدار گرفتار، تفصيل موجب شاهپورچاڪر ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٺوڙڪيڪور خير محمد ڏاهري ۾ جوابدار راول ڀيل گهٽا ڏئي پنهنجي حاملا گهر واري نوجوان عورت شريمتي لڇمي ڌي راجو ڀيل کي قتل ڪري ڇڏيو. جنهن جو اطلاع شاهپورچاڪر پوليس کي ڏنو ويو، جنهن واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا جو لاش پنهنجي تحويل وٺي شاهپورچاڪر رورل هيلٿ سينٽر پهچايو، جتان ضروري ڪاروائي کانپوءِ لاش مقتولا جي مائٽن حوالي ڪيو ويو، جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ حاجي جهنڊو روانا ٿي ويا، جڏھن ته شاهپورچاڪر پوليس جوابدار راول ڀيل کي گرفتار ڪري ورتو آهي، شاهپورچاڪر پوليس .مقتولا جي پيءُ جي فرياد تي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس مطابق جوابدار پنهنجي ڏوھ جو اعتراف ڪندي چيو آهي منهنجي زال گهر ۾ رڳو جهيڙو جهٽو ڪندي هئي، ڪافي ڀيرا منع ڪرڻ جي به هوءِ نه مڙي، انڪري مون کيس قتل ڪيو آهي. هوڏانهن ڇوڪري جي وارثن موجب9 مهينا اڳ راول سان اسان جي نياڻي جي شادي ٿي هئي، جوابدار اسان جي نياڻي کي گهٽا ڏئي قتل ڪري اسان کي لاش ڏيڻ کان به انڪار ڪيو، جنهن بعد ڳوٺ جي نيڪ مرد ۽ پوليس اسان کي لاش ڏياريو، جوابدار اسان جي حاملا نياڻي سان ظلم ڪري کيس بنا سبب جي قتل ڪري ڇڏيو آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
196