ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ ۾ عدالتي حڪم نه مڃڻ تي واپڊا عملدارن کي هٿڪڙيون لڳي ويون. ڪجهه ڏينهن پهريان درخواستگذار عاشق گولو واڌو ڊٽيڪشن بل جي آزار سبب واپڊا عملي خلاف ڪنزيومر ڪورٽ ۾ جج امر لعل جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي جنهن بعد عدالت پاران واپڊا عملي کي درخواستگذار جو مسئلو جلد حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر ان باوجود عدالتي حڪم جي تعميل نه ٿيڻ تي ڪنزيومر ڪورٽ جي جج امر لعل واپڊا ايڪسئن نثار احمد گاڏهي، ايس ڊي او خالد باجڪاڻي سميت 3 واپڊا عملدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيو. عدالتي حڪم بعد واپڊا عملي کي 2 ڪلاڪن تائين هٿڪڙيون لڳائي ڪورٽ جي احاطي ۾ ويهاريو ويو، بعد ۾ واپڊا عملدارن 30-30 هزار روپين عيوض پنهنجي شخصي ضمانت ڪرائي ورتي، ٽئي عملدار عدالت مان ضمانت تي آزاد ٿي ويا.
148