201

عمران خان 2014ع کان دهشتگردي ٽوڙ عدالت کان فرار آهي: مريم اورنگزيب

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) ترجمان مريم اورنگزيب وفاقي وزير فواد چوڌري کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته عمران خان 2014ع کان دهشتگردي ٽوڙ عدالت کان فرار آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته فواد چوڌري کي چوان ٿي ته راڻا ثناءُ الله کان اڳ ۾ عمران خان کي عدالت ڇڏي اچو، عمران خان جون ”او ئي آءِ جي“ ۽ ”هنن کي موچڙا هڻو“ جا آواز ڊي چوڪ تي گونجي رهيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو