لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور ۾پرتشدد مظاهرن دوران ٿاڻي تي حملو، ڊي ايس پي سميت 12 اهلڪار اغوا، تشدد،آپريشن ۾بازياب،جاني نقصان جا اطلاع، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته حڪومت وٽ پنهنجي رٽ قائم ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي بچيو،پوئتي هٽڻ جي لاءِ تيار ناهي، سي سي بي او ترجمان راڻا عارف موجب لاهور ۾ يتيم خانه چوڪ وٽ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڪارڪنن پرتشدد مظاهرن بعد نوان ڪوٽ ٿاڻي تي حملو ڪيو، تنظيم جي مڇريل ڪارڪنن پوليس تي پيٽرول بمن ۽ تيزاب سان ڀريل بوتلن ذريعي حملو ڪيو، جڏهن ته 50 هزار ليٽر وارو آئل ٽينڪر به پاڻ سان گڏ کڻي ويا، پرتشدد مظاهرين ڊي ايس پي ۽ رينجرز اهلڪارن سميت 12 اهلڪارن کي اغوا ڪري ورتو، جڏهن ته مٿن تشدد پڻ ڪيو ويو، سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس گڏيل آپريشن بعد ڊي ايس پي سيمت سمورن اهلڪارن کي بازياب ڪرايو ۽ ٿاڻي جو قبضو پڻ واپس ورتو آهي، سي سي پي او ترجمان موجب لاهور ۾ ملتان روڊ تي واقع يتيم خانه چوڪ وٽ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي مرڪز ويجهو آپريشن ڪيو ويو، هڪٻئي تي حملن دوران 15 پوليس اهلڪار ۽ ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿيا آهن، هوڏانهن پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ترجمان شفيق اميني خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته آچر ڏهاڙي صبح جو 8 وڳي لاهور مرڪز تي فورسز اوچتو حملو ڪيو، هن دعويٰ ڪئي ته ڪارروائي ۾ اسان جا وڏي انگ ۾ڪارڪن مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن، ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته حڪومت وٽ پنهنجي رٽ قائم ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي بچيو،پوئتي هٽڻ جي لاءِ تيار ناهيون، 2 کان 3 مهينا ڳالهين لاءِ گهڻا هئا،ڪو نتيجو نه نڪتو،هن وقت ڪي به ڳالهيون نه پيون ٿين،جڏهن ڪنهن تنظيم تي پابندي لڳندي آهي ته ان جي چرپر بند ڪئي ويندي آهي، عهديدارن جا اثاثا منجمند ٿيندا آهن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ٿيندا آهن، هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ 192 هنڌ بلاڪ ڪيا ويا هئا، جنهن مان ٻيا سڀ کلي ويا آهن، پر لاهور ۾ يتيم خانه چوڪ واري هنڌ تي ڪجهه ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي. هوڏانهن پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه سعد حسين رضوي شورا ميمبرن جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته لاهور ۾مسجد رحمت العلمين جي ٻاهران ڌرڻو فوري طور ختم ڪيو وڃي، ڪارڪن پرامن طور تي پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃن.شوريٰ ميمبر پنهنجو پاڻ کي قانون جي حوالي ڪن.20 اپريل تي احتجاج جو سڏ واپس ورتو وڃي.
