220

نصيرآباد ڀرسان هٿياربندن پاران ناري قتل،پوليس ۾ حد جو تڪرار،4 ڪلاڪ لاش پيل رهيو

نصيرآباد (ويب ڊيسڪ) نصيرآباد ڀرسان ڳوٺ فيض محمد کوکر جي 21سالن جي ناري نازيا بي بي ڌيءَ محمد حسن بروھي پنھنجي والدين سان گڏجي گڏهه گاڏي تي ڪڻڪ جي لاباري تي وڃي رھي ھئي ته باڊڊهه نصيرآباد روڊ تي ٽن موٽرسائيڪل سوار ھٿيار بندن پسٽل جا فائر ڪري ناري کي موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد ڏيرا ۽ نصيرآباد پوليس ۾ حد بندي جي تڪرار سبب لاش 4 ڪلاڪ جاءِ وارڌات تي پيل رھيو، تڪرار کان پوءِ نصيرآباد پوليس پنھنجي ٿاڻي جي حد قبول ڪندي ناري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ نصيرآباد سرڪاري اسپتال آندو ۽ ضروري ڪاروائي بعد ناري جو لاش وارث پنھنجي اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا ۽ لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، جڏھن ته قتل ٿي ويل ناري نازيا بي بي جي والد محمد حسن بروھي ۽ والدہ روئيندي سوڀ کي ٻڌايو ته اسان جي نياڻي کي زاھد ڪوري ۽ ٻن نامعلوم ماڻھن قتل ڪيو آھي، اسان ھڪ جوابدار کي سڃاتو آھي اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي، انصاف ڪيو وڃي، ھوڏانھن نصيرآباد پوليس ناري نازيا بي بي بروھي جي قتل جي الزام ھيٺ ايندڙ جوابدارن جي ساڳي ئي ڳوٺ تي چڙھائي ڪري 4 ڄڻا عيوضي ۾ گرفتار ڪري ورتا، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او نصيرآباد سعيد احمد جماڻي سوڀ کي ٻڌايو ته ناري کي قتل ڪندڙ جوابدار سندن ويجھو مائٽ آھي، قاتل فرار ٿي ويو آھي سندس عزيز گرفتار ڪيا آھن، وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون، وارث جنھن مٿان ڪيس داخل ڪرائيندا اسان ڪيس داخل ڪنداسين، جڏھن ته علائقي ۾ چوٻول آھن ته ناري کي ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪيو ويو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو