222

لعلورائنڪ ۾ پيسن جي ڏيتي ليتي تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل،ماسات زخمي

لعلورائنڪ (ويب ڊيسڪ) لعلورائنڪ ڀرسان ڳوٺ قائم خان مغيري ۾ گذريل رات دير سان هٿياربندن ڳوٺ مراد علي مغيري جي رهواسي 28 سالا نوجوان محمد ادريس مغيري ۽ لعلورائنڪ واسين سندس ماسات ذوالفقار بليدي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب نوجوان محمد ادريس مغيري ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويو، جڏهن ته نوجوان ذوالفقار بليدي شديد زخمي ٿي پيو، فائرنگ جي آوازن تي ڳوٺاڻا پهتا ته هٿياربندن جوابدار فرار ٿي ويا، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي لعلورائنڪ پوليس پهچي لاش کڻائي وارھ تعلقه اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو، ، جڏهن ته زخمي نوجوان ذوالفقار بليدي کي وارث علاج خاطر لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال کڻائي ويا، واقعي بعد پوري علائقي ۾ خوف ۽ حراس واري پيدا ٿي ويو، مقتول نوجوان جو مڙھ اباڻي ڳوٺ مراد علي مغيري پهچڻ تي ڳوٺ ۾ سوڳ ڇائنجي ويو ۽ مقتول جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، هوڏانهن لعلورائنڪ پوليس واقعي جو ڪيس مقتول محمد ادريس مغيري جي سئوٽ صدرالدين مغيري جي فرياد تي ڳوٺ قائم خان مغيري جي رهواسي ٻن ڀائرن افسر حسين مغيري ۽ اختر حسين مغيري تي داخل ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ فريادي صدر الدين مغيري موقف اختيار ڪيو ته ڪجهھ وقت پهريان جوابدار افسر حسين مغيري منهنجي سئوٽ محمد ادريس مغيري کان  مينهن ورتي هئي، جنهن جي رقم مان ڏيڍ لک روپيه منهنجي سئوٽ جا افسر حسين مغيري ڏي رهيل هئا، جڏهن مقتول محمد ادريس جوابدارن کان رهيل پيئسه طلب ڪيا ته هو تيش ۾ اچي ويا ۽ جوابدار افسر حسين مغيري ۽ سندس ڀاءُ اختر حسين مغيري منهنجي سئوٽ محمد ادريس کي فون ڪري چيو ته اسين ڳوٺ ٻاهران پنهنجي زرعي زمين تي موجود آهيون، تون اچي پنهنجا رهيل پيئسه کڻي وڃُ، جنهن بعد منهنجو سئوٽ محمد ادريس پنهنجي ماسات ذوالفقار بليدي کي ساڻ ڪري جوابدارن وٽ پهتو ته جوابدارن ٻنهي مٿان سڌي فائرنگ ڪئي ۽ ادريس مغيري ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويو ۽ ذوالفقار بليدي زخمي ٿي پيو، پوليس ڳوٺ قائم خان مغيري تي چڙهائي ڪري هڪ جوابدار افسر حسين مغيري کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن جي گرفتار پوليس اڃا تائين ظاهر نه ڪئي آهي، ٻئي پاسي مقتول نوجوان جي سئوٽ ۽ فريادي صدر الدين مغيري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پيئسن جي ڏيتي ليتي تان جوابدارن اسان سان ظلم ڪري اسان جي نوجوان سئوٽ کي بيگناھ قتل ڪيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو