ڏھرڪي (ويب ڊيسڪ) ڏھرڪي پوليس مھر گروپ جي سرواڻ ۽ جي ڊي اي ايم پي اي علي گوهر خان مهر جي ويجهي مائٽ ۽ مھر گروپ جي مقامي سرگرم اڳواڻ مير خان مهر جي ننڍي ڀاءَ امداد خان مهر کي اوٻاوڙو مان گرفتار ڪري لاڪپ ڪرڻ بعد ڪنڌڪوٽ جي رھواسي سراج احمد چاچڙ جي فرياد تي ايريگيشن کاتي ۾ سرڪاري نوڪري وٺي ڏيڻ عيوض 5 لک روپين جي فراڊ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس داخل ڇڏيو آھي. فريادي داخل ڪرايل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آھي ته ڪجھه مھينا اڳ امداد خان مھر ھن کي ايريگيشن کاتي ۾ ڪلارڪ طور سرڪاري نوڪري وٺي ڏيڻ لاءِ 10 لک روپيا طئي ڪيا جنهن بعد آئون طئي ڪيل رقم مان پنهنجي گواهن جي سامهون 5 لک روپيه روڪ رقم امداد خان مهر کي ادا ڪئي. جڏهن ته باقي رقم نوڪري جو آرڊر ملڻ تي ڏيڻ جو چيو پر امداد خان مهر مونکي 5 لک روپيا رقم وٺڻ بعد مونکي نوڪري جو آرڊر ڏيڻ بدارن ڪوڙا آسرا ڏيندو ھيو پر جڏهن مون رقم جي واپسي جو مطالبو ڪيو ته امداد خان مونکان ورتل رقم واپس ڏيڻ بهاني گهرائي کيس رقم ڏيڻ بدران ھن پسٽل ڪڍي کين موتمار ڌمڪيون ڏنيون آهن. مير خان مهر جو ٻڌايو ته سندس ڀاءُ امداد خان مهر ۽ اسين شريف قسم جا ماڻھو آھيون، جڏهن ته اسان جي سياسي ساک کي نقصان پھچائڻ لاءِ ڏھرڪي پوليس اسان جي مخالفن جي ونگار وهندي انتقامي ڪارروائي ڪرڻ ۽ سياسي ساک کي نقصان پھچائڻ لاءِ مٿس ھٿ ٺوڪيو فريادي بيھاري فراڊ ۽ موت مار ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪندي امداد خان مھر کي گرفتار ڪيو آھي.
230