250

ختم نبوت صه جي معاملي تي تحريڪ لبيڪ کان پوئتي نه آهيون، شيخ رشيد جو قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير شيخ رشيد قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي چيو آهي ته ختم نبوت  صه جي معاملي تي اسان ڪالعدم تحريڪ لبيڪ کان پوئتي نه آهيون، اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته منهنجي طبيعت سهي ناهي، صبح 3 بجي اجلاس ختم ٿيو، ڪجهه دير بعد ٻيهر اجلاس شروع ڪيو ويو، وفاقي وزير چيو ته اسان ختم نبوت  صه جي معاملي ۾ تحريڪ لبيڪ کان پوئتي نه آهيون، وزيراعظم عمران خان به شام جو خطاب ڪندو، ان کان اڳ اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڪجهه ماڻهو اسلام کي هڪ هٿيار طور استعمال ڪرڻ چاهين ٿا، پر انشاءالله، وزيراعظم عمران خان اسلام ۽ ملڪ جي دشمنن کي شڪست ڏيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو